ڏند ڪٿائون ۽ قصا

ڏند ڪٿائون ۽ قصا

ڏند ڪٿائون ۽ قصا

ڏند ڪٿائون ۽ قصا (ڪتاب): مختلف ملڪن جي ڏند ڪٿائن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ مترجم حسين بادشاهه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب جو اصل ليکڪ روني رينڊال آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف ملڪن جون ڏند ڪٿائون ۽ قصا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ مصر، يونان، روم، نيويارڪ، جاپان، ميڪسيڪو، ڪينيڊا، الاسڪ، جپان، آفريڪا، چيني ۽ نائجيريا اچي وڃن ٿا. هن ڪتاب جو انتساب سهيڙيندڙ ۽ ترجمو ڪندڙ سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ جاکوڙي ڪاپڙين جي نالي ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي ڏند ڪٿائون ۽ داستان ڏنا ويا آهن، سي دنيا جي مختلف ملڪن سان واسطو رکن ٿا. اهي انساني روح ۽ دل جي اسرارن سميت جادو، مهم جوئي ۽ ڳُجهه سان ڀرپور آهن. ڪتاب ۾ شامل داستان نهايت دلچسپ ۽ تاريخي آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ وندر جو باعث آهن. 131 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري 2003ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.


لفظ ڏند ڪٿائون ۽ قصاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو